اليڪشن ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي

شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جو آبائي ڳوٺ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جتان پ پ پ اکيون ٻوٽي کٽيندي آئي آھي ڇو تہ ھن ڳوٺ م رھندڙ ڀٽا، لغاري، شيخ، سومرا، ڪنڀر، منگي، چانڊيا، چنا، ء سيد سڀ جو سڀ ذوالفقار علي ڀٽو جي ھر نڪتل لفظ تي لبيڪ ڪندا آيا ڀٽو صاحب ڳوٺ جي ماڻھن سان جڏھن ڪچھري ڪندو ھيو تہ ڳوٺ وارن کي چوندو ھيو جيڪو گھرڻو اٿو تہ گھرو پر ڳوٺ جي ھر فرد جي زبان تي صرف اھي لفظ ھوندا ھيا تہ سائين اسان کي صرف توھان جو ديدار کپي توھان جي محبت کپي بس ٻيو ڪجھ نہ کپي ان جي باوجود بہ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڪافي ماڻھن کي جيڪي ٿورو گھڻو پڙھيل ھئا انھن کي نوڪريون بہ ڏنيون ان کان پوء نياڻي محترمہ بينظير ڀٽو جي مٿان ساھ بہ واريندا آيا ڳوٺ جا ماڻھو محترمہ بہ پنھنجي پيءُ وانگر ڳوٺ جي ھر فرد جو خاص خيال رکندي ھئي ڪافي ماڻھن کي نوڪريون ڏنئين ء ڪافي سھولتيون بہ ڏنائين، ذوالفقار علي ڀٽو تي يا ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي ھر ادا تي ڳوٺ وارا ساھ صدقو ڏيندا آيا انھن جي وڇوڙي کان پوء ھي ڳوٺ يتيم ٿي ويو محترمہ جي وڇوڙي کان پوء پارٽي سان گڏو گڏ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو کي بہ ڄڻ تہ نظر لڳي وئي پارٽي جيان ...