سوچڻ گھرجي

توهان جي پي ايڇ ڊي کان اسان جي ٿيسز ڀلي.
جيڪا مون سوشيلاجي جي فائنل ۾ سبمٽ ڪرائي هئي،
منهنجو چونڊ ٽاپڪ ڊوميسٽڪ وائلينس اگينسٽ  وومين هئو،
مان پنهنجي ريسرچ دوران انهن لمحن مان گذريو هئس جو مرد سڏائيندي شرم محسوس ٿيندو هئو،
جهالت جي حد جڏھن پريگننٽ تسليم سولنگي تي ڪتا بڇيا ويا هئا،
يقينن مان ان ڏينهن رنو بہ هوندس پنهنجي لاچاري تي تہ ڪاش جيڪر مونکي اها طاقت هجي ها تہ ظالمن جو نام نشان مٽائي ڇڏيان ها.
اڄ رمشہ ٿي ڪاري وئي تنهنجي پي ايڇ ڊي ڪهڙي ڪم جي،
يا توهان بہ پنهنجي بابي قائم شاھ جيان گهر ويٺي پي ايڇ ڊي ڪري عوام کي ڄٺ پيا بڻايو،
توهان اقتدار ۾ آھيو
توهان دوڙ وجهو پنهنجي پي ايڇ ڊي کي،
صرف هڪ هلان ڪيو ڇو نہ ظالمن جا سر ڪپجن،
افسوس اوهان بہ ٻين جي ڪاغذي ڊگري ڪري نالو تہ لکرايو پر عمل ٽڪو ئي نہ
هيئنر اوهان عورت آھيو پاور فل بہ آھيو
عورت جو درد اسان کان وڌ اوهان سمجهي سگهو ٿا
پوء بہ ڇو خاموشي طاري آ،
اگر ايئن ئي خاموش فضا رهي تہ سڀاڻي ڪا بہ نياڻي محفوظ نہ رهندي،
اڄ بہ يونيورسٽين ۾،
اسپتالن ۾
شاگردياڻين کي استادن سان شيئر پيو ڪيو وڃي،
ڪلاسن اندر هڪ ڇوڪري سان ٻہ ماستر زنا ٿا ڪن،
توهان ڪيئن پنهنجي حلف ٿي پورا ٿا رهو،
هاسٽلز مان جيڪي ڇوڪريون ايمبولينس ۾ چڙھي نڪرن ٿيون
انهن کي ڪهڙي عمارت ۾ ڌسيو وڃي ٿو،
افيئرز آفيسر وٽ جڏھن دانهن کڻي پهچن ٿيون تہ افيئرز وارا پاڻ پينٽ جي زپ کولين ٿا،
ليڊيز جيل يا دارالامان مان نوجوان ڇوڪريون آخر ڪهڙي پڇا ڳاڇا لاء رات جو کنڀجن ٿيون؟
هي ڪهڙو سماج پيا ارپيو اسان کي،
اسان پنهنجن نياڻين سان خوش رهڻ گھرئون ٿا،
خدا جي واسطي اهو ماحول پيدا ڪيو جو گهر مان نڪرندڙ نياڻي سلامت موٽي اچي،
آخر ڪيتري قدر امام ضامن عزتن جي حفاظت ڪندا،
اسپتالن اندر ڊاڪٽر اسٽيٿو اسڪوپ سان سهڪو چيڪ ڪرڻ جي بهاني ڇاٿي جي سائيز معلوم ڪري ٿو وري الٽراسائونڊ جي ايڊوائس ڏئي اها بہ حوس پوري ڪري ٿو،
يونيورسٽي اندر استاد اسائنمينٽ جو چئي ڪري پنهنجو سيٽ اپ ڪرڻ گھري ٿو
چوي بہ ايئن ٿو تہ تون اگر واندي ناهين تہ ڪا ٻي هٿ ڪري ڏي¡
سو اي وقت جي وڪاميل عورت
اڄ اسان ٿا توکي التجا ڪيون
خدارا خدارا پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو
دنيا اوهان کي گلن ۾ توريندي،
اهو قانون جوڙيو جيئن جهرڪيون بازن کان بچي سگهن. . .
معذرت.

Comments

Popular posts from this blog

علامہ اقبال اور ان کی بیویاں

Aseen Mustafa Ji Watan Ja Deewana | Sindhi Naat | Ramzan kareem 2024 | ...

New Maqibat || Alai kadahin Yar Eindy Too Dilbar || 2024 part 2 || By: ...